سيول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جديد ترين سپر سونڪ ايف 21 جنگي جهاز متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا گذريل ڏينهن پنهنجي ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ ايف 21 جنگي جهاز کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ڪوريا جديد ترين فوجي سازوسامان تيار ڪندڙ ڪلب ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڏکڻ ڪوريا طرفان ملڪي سطح تي تيار ٿيندڙ سپر سونک جهاز کي ڪي ايف 21 بوراماني جو نالو ڏنو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اميد آهي ته آپريشنل ٿيڻ کان پوءِ جنگي جهاز جو هوا کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائل ليس ڪيو ويندو امڪاني طور تي جهاز ۾ ڪروز ميزائل به فٽ ڪيو ويندو.ٻن انجڻن تي ٻڌل جهاز هڪ ٻئي ٻن سيتن واري ورزن سان گڏ دستياب هوندو. جنهن جو انحصار ملندڙ ٽاسڪ تي هوندو. ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي ان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته آزادانه دفاعي سازو سامان جي تياري جي لاءِ دور جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ ڪي ايف 21 ڏکڻ ڪوريا جي ايوي ايشن انڊسٽري جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو.ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم چيو آهي ته جڏهن جهازن جي پروڊڪشن مڪمل طور تي شروع ٿيندي ته هڪ لک نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ملڪ کي 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو فائدو ٿيندو.
انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف
ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، ڳولا جاري
لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو
ٻٽي شهريت رکندڙ نگران وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا پڌرا ڪرڻ جو حڪم
نثار کهڙو بپلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي سنڌ جو چيئرمين،منظوري
جون 2025ع تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو وڃائي ويهندو: آئي ايف ايف
يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي ڌمڪي وارو پيغام وصول
نائب وزيراعظم ڊار ۽ امير مقام جو ڪرغزستان جو دورو اوچتو ملتوي
سنڌ دشمن منصوبن خلاف لڳل بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي
هيٽ ويوو سبب ميٽرڪ جا امتحان ملتوي
ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا معطل
افغانستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 70 ڄڻا فوت، ڪيترائي لاپتا
ڪي پي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو
اين اي 148 ملتان ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ عمل ختم،ڳڻپ جاري
بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان
عشرت العباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو
گرمي جي شدت ۾ واڌ، گيسٽرو ۽ معدي جي بيمارين ۾ واڌ
ڪوهلي پي ايس ايل ۾ اچي يا ٽيم ۾ سان گڏ ڀليڪار ڪندس: آفريدي
اسٽار ڪڊ جي ڪري هڪ فلم تان هٿ کنيو، راجڪمار رائو
سنڌ يار سکر 19 مئي 2024