اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري پنهنجي خلاف ڊگري تڪرار ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.جسٽس طارق جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 9 ڊسمبر جي ٻه رڪني بينچ جي حڪمنامي خلاف آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي. هن وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل رٽ کي رد ڪيو وڃي.ٻئي طرف جسٽس طارق جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي کي چيلينج ڪرڻ جي لاءِ 3 سينئر وڪيلن تي ٻڌل قانوني ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. اڪرم شيخ ۽ بيرسٽر صلاح الدين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق جهانگيري ڪيس جي پيروي ڪندا. جڏهن ته عزيز بهنڊاري وفاقي آئيني عدالت ۾ جسٽس جهانگيري جي طرفان ڪيس جي پيروي ڪندو.جسٽس طارق جهانگيري طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ڊگري تڪرار ڪيس جي خلاف درخواستون داخل ٿينديون. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيل گذريل ٻڌڻي جي موقعي تي جسٽس طارق جهانگيري بينچ ۾ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس سرفراز ڊوگر جي موجودگي تي اعتراض اٿاريندي بينچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو هو.










