ڊيزل مهانگو ٿيڻ سبب ٽرين جي ڀاڙن ۾ واڌ

ڊيزل مهانگو ٿيڻ سبب ٽرين جي ڀاڙن ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ريلوي جي ترجمان چيو ته ڊيزل جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو واڌ کانپوءِ ٽرين جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.اڪانومي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو، اي سي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ۽ ريلوي مسافر ٽرينن جي آپريشنل خرچن جو اضافي بار برداشت ڪندي.ريلوي جي ترجمان چيو ته مال بردار ٽرين جي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ۽ اهو اضافو 9 مارچ کان سڀني مال بردار ٽرينن ۽ مسافر ٽرين جي ڀاڙن تي لاڳو ٿيندو.ترجمان وڌيڪ چيو ته اهو فيصلو اڳ ۾ ڪيل بڪنگ تي لاڳو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو