ڊي جي رينجرز جو گشت، شهر ۾ سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم

ڊي جي رينجرز جو گشت، شهر ۾ سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ رات دير سان ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص شهر جو دورو ڪري سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ شهر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص رات دير سان ڪراچي جي مختلف بازارن جو دورو ڪيو، ڊي جي رينجرز سنڌ شهر ۾ سڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺندي چنڊ رات ۽ عيد الفطر جي موقعي تي اضافي نفری مقرر ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.ڊي جي رينجرز حسن اسڪوائر، نيپا، يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال، سهراب گوڙ، عائشه منزل، واٽر پمپ جو دورو ڪيو ۽ بازارن ۾ سڪيورٽي صورتحال جو به جائزو ورتو.رينجرز اختيارين موجب چنڊ جي رات جي موقعي تي شهر جي مختلف هنڌن تي رينجرز جي وڏي انگ موجود آهي، جڏهن ته عيد الفطر جي موقعي تي رينجرز جا اهلڪار اهم هنڌن تي مقرر هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو