ڊي جي رينجرز سنڌ جو سجاول، ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي جو دورو

ڊي جي رينجرز سنڌ جو سجاول، ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي جو دورو

ٺٺو(ويب ڊيسڪ)ڊي جي رينجرز سنڌ ساحلي پٽي شاهه بندر سجاول، ٺٽي ۽ بدين جو هنگامي دورو ڪيو ۽ شهرين کي محفوظ هنڌن تي پهچڻ جون هدايتون ڏنيون.ترجمان موجب ڊي جي رينجرز سنڌ جي صدارت هيٺ بارڊر سيڪٽر ڪمانڊرز ۽ ونگ ڪمانڊرز جو اجلاس ٿيو.ڊي جي رينجرز سنڌ جي هدايتن تي ساحلي علائقن جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ سول انتظاميا پاران لائوڊ اسپيڪرن تي ماڻهن جي محفوظ نڪرڻ لاءِ اعلان پڻ ڪيا ويا.ڊي جي رينجرز ضلعي سطح تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ، امدادي سامان جي آرڊر ڊليوري ۽ سول انتظاميا سان گڏ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو