ڊنمارڪ جي سفير  جي وزير توانائي سنڌ امتياز احمد شيخ سان ملاقات

ڊنمارڪ جي سفير جي وزير توانائي سنڌ امتياز احمد شيخ سان ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ۾ ڊنمارڪ جي سفير جيڪب لينلف (H.E. JakobLinulf) هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اڄ سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ سان سندس سنڌ جي توانائي کاتي جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪونصلر فار گرين گروٿ اينڊسسٽينيبليٽي ماريا اينا پيٽررز(Counsellor for green growth and sustainability Ms. Maria Ana Petrers ۽ ڊنمارڪ جي توانائي شعبي جا ٻيا عملدار پڻ شامل هئا.ان موقعي تي منعقدٿيلاجلاس ۾ سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ڊنمارڪ جي سفير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو.سنڌ جي توانائي واري وزير معزز سفير کي پاڪستان خاص طور سنڌ ۾ توانائي جا منصوبن سميت، سورج جي روشني ۽ ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن جي باري ۾ تفصيل کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ متبادل ۽ قابل تجديد ذريعن سان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 30 سيڪڙو جو حدف رکيو ويو آهي.هن چيو ته جيتوڻيڪ عالمي موسمياتي تبديليءَ ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي، پر عالمي موسمياتي تبديليءَ سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ جيئن ته دنيا ڄاڻيٿي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏن سبب پاڪستان خاص ڪري سنڌ جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي، اهو اڃا تائين تباهه حال ۾ آهي. امتياز احمد شيخ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته دنيا جي ماحوليات کي بهتر بڻائڻ لاءِ قابل تجديد ۽ متبادل ذريعن مان ماحول دوست توانائي پيدا ڪرڻڪيتري ضروري آهي، ان ڪري اسان ان سلسلي ۾ ڊنمارڪ جي تجربي ۽ سيڙپڪاري کي ڀليڪارڪنداسين ۽ ڪارڪنن کي تمام ضروري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.ملاقات ۾ ڊنمارڪ جي سفير ۽ سندس وفد عالمي ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان گڏيل ايڪشن پلان ۽ ان سلسلي ۾ ڊگهي مدي واري تعاون جي ضرورت جو اظهار ڪندي چيو ته ڊنمارڪ ان سلسلي ۾ هر ممڪنٽيڪنيڪل تعاون سان گڏوگڏ تعاون ڪندو. گڏيل نقطن تي ڌيانڏيڻ چاهي ٿو.سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ ڊينشڊنمارڪ جي سفير توانائي کاتي جي آفيس جو دورو ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڊنمارڪ جي سيڙپڪارن جو سنڌ ۾ ڀرپور استقبال ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو