اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) کان منڪي پوڪس جي ويڪسين وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.نيشنل هيلٿ آرگنائيزيشن جي اختيارين موجب ملڪ ۾ منڪي پوڪس پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي عالمي صحت واري اداري کان ٽيڪنيڪل مدد طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊبليو ايڇ او کان منڪي پوڪس جي ويڪسين وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.آفيسرن چيو ته حفاظتي سامان ڊبليو ايڇ او کان خريد ڪيو ويندو ۽ ويڪسينون فرنٽ لائن هيلٿ ڪيئر ڪارڪنن کي ڏنيون وينديون.اختيارين موجب نيشنل هيلٿ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد ۾ 20 شڪي نمونن جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي ۽ سڄي دنيا مان پاڪستان ايندڙ شڪي مريضن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سڄي دنيا مان بيدخل پاڪستانين جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. هر مهيني 4 تائين، هزارين پاڪستاني ٻاهرين ملڪن مان بي دخل ٿيڻ بعد واپس پاڪستان اچي رهيا آهن.










