ڊالر 292 رپيا ٿي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڊالر 292 رپيا ٿي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي اڏام جاري آهي جڏهن ته پاڪستاني رپيو پنهنجي قدر وڃائي رهيو آهي.آمريڪي ڊالر اڄ صبح جو ڪاروبار شروع ٿيڻ کان وڌيڪ حاصل ڪيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 21 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 287 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287 رپيا 29 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو مهانگو ٿيڻ بعد 292 رپيا ٿي ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران مثبت رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 82 پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ 39 هزار 770 جي سطح تي اچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 39687 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو