ٿرپارڪر (ن سنڌيار) ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو چوپائي جي چورن ۽ پاٿاريدارن تر تپائي ڇڏيا چوپائي مال جي چوري روز جو معمول بڻيل، ڀاڳين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان ڪارروائي جو مطالبو خبر موجب:ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڪانڪهيو جي رهواسين ڀاڳئي عباس ٻهپار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالھ ڀاڳين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڀاڳين دانهيندي چيو ته اسان مسڪين ماڻهو ويل ۾ آهيون اسان جي اکين سامهون ٻڪريون ڪاهي زبردستي وڪرو ڪيون پيو وڃن هنن الزام هڻندي چيو ته سيد مرتضا شاھ پٽ شير محمد شاھ، رحمت الله شاھ پٽ جمال شاھ، سمن شاھ پٽ علي محمد شاھ اسان لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن هلندڙن برساتن دوران 10 ٻڪريون صرف اسانجي ڳوٺ جون ڪاهي ويا آهن ان کان علاوه ڀرپاسي جي ڳوٺن جو مال هتي ڪاهي ٿا اچن تر جا مشهور چورن جي پاٿاريداري جو منظم نيٽ ورڪ آهي جنهن سبب چوپايو مال غير محفوظ بڻجي ويو آهي انهن وڌيڪ چيو ته سيد حاجي شاھ انهن جو وڏو اثر رسوخ وارو شخص آهي جنهن کي اسان ڪيترائي ڀيرا دانهن ڏني پر خبر ناهي ته هو پاڻ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ان مان لڳي ٿو ته وڏيرو حاجي شاھ به انهن چورن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي وڏيرو پاڻ استاد آهي جيڪو اسڪول ۾ ڊيوٽي به نٿو ڪري رهي اڪثر عمرڪوٽ ۾ ٿو مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا اچي ٿو ڳوٺ ٻي رابطو ڪرڻ تي حاجي شاھ ڳالهيندي چيو ته مون کي انهي معاملي جي ڪا خبر ناهي آئون عمرڪوٽ ۾ رهان ٿو متاثر ڌر ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي چورن کان جان ڇڏائي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










