ڇا اڄڪلهه شادي هڪ فلاپ شو آهي؟ ريشم

ڇا اڄڪلهه شادي هڪ فلاپ شو آهي؟ ريشم

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ريشم جنهن سماج ۾ وڌندڙ طلاقن جي خوف سبب شادي ناهي ڪئي، پنهنجي مداحن کان سوال ڪيو آهي ته ڇا شادي هڪ فلاپ شو آهي؟ هن اهو وڊيو پيغام فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ان وقت شيئر ڪيو جڏهن اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شعيب ملڪ ۽ اداڪاره ثنا جاويد جي شادي ۽ اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا کان شعيب ملڪ جي طلاق جون خبرون سامهون آيون.سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ اداڪارا ريشم جو چوڻ آهي ته محبت جي پڄاڻي ۽ پوءِ شادي ۽ پوءِ نفرت ۽ فاصلن جو کليل سمنڊ، ڇا اڄ جي دور ۾ شادي هڪ فلاپ شو آهي، توهان ڇا چوندا؟

پهنجو تبصرو موڪليو