شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) چڪ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪلوڙا ۽ جتوئي برادري وچ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڄڻن فوت ۽ ٽن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. پوليس موجب فائرنگ دوران درياهه ۾ هلندڙ هڪ ٻيڙي به گولين جي زد ۾ اچي وئي، جنهن ۾ سوار آصف مهر نالي شخص گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيڙي ۾ سوار ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران جتوئي برادري جو هڪ شخص پڻ مارجي ويو. ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي. ڪچي جو علائقو هجڻ سبب پوليس کي واقعي واري هنڌ تائين پهچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پوليس طرفان واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.










