چڙيا گهرن جي جانورن جي منتقلي بابت تفصيلي فيصلو جاري

چڙيا گهرن جي جانورن جي منتقلي بابت تفصيلي فيصلو جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چڙيا گهر جي دوري لاءِ نئين ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪا صوبي ۾ بهتريءَ جا قدم تجويز ڪندي ۽ غير مقامي جانورن کي سندن قدرتي رهائش واري هنڌ موڪلڻ جي سفارش ڪندي. صوبي ۾ راڻي باغن کي مرحلي وار ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون گهرندي، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس سيد فياض الحسن شاھ تي مشتمل ٻه رڪني سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ چيو ته عدالت چڙيا گهر رکڻ ۽ جانورن کي پڃرن ۾ رکڻ جي سموري تصور جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هي تبصرا 6 نومبر واري ٻڌڻي بابت جاري ڪيل لکت واري حڪم جو حصو آهن، جيڪو ڪراچي زوءَ مان اڪيلي مادي رڇ راڻي کي اسلام آباد وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ جي رڇن جي پناهگاهه ۾ منتقل ڪرڻ جي عرضي تي هو. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۽ ٻين جوابدارن پاران بيان ۽ رپورٽون جمع ڪرايون ويون ۽ ٻڌايو ويو ته بينچ جي اڳوڻن حڪمن جي تعميل ۾ راڻي کي 5 نومبر تي وفاقي گاديءَ واري هنڌ پهچايو ويو آهي. بهرحال، بينچ عرضي جي دائري کي رڇ راڻي کان وڌائي سڀني جانورن جي ڀلائيءَ تائين ڪيو ۽ صوبي ۾ چڙيا گهرن کي مرحلي وار ختم ڪرڻ بابت تجويزون گهريون. سنڌ وائلڊ لائيف ڪنزرويٽر جاويد احمد مهر تجويز ڏني ته هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جنهن ۾ ميونسپل ڪمشنر، جنگلات ۽ وائلڊ لائيف سيڪريٽري، وائلڊ لائيف ڪنزرويٽر ۽ ڪي ايم سي جو سينيئر ڊائريڪٽر-زو ميمبر هجن. عرضي ڪندڙ جي وڪيل محمد جبران ناصر به تجويز ڏني ته فلانٿروپسٽ اردشير ڪاوسجي، ڊاڪٽر عظيم خان (ايشيا ليڊ فار ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان)، وڪيل نازيه هنجراهه ۽ عرضي ڪندڙ/جانورن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن جيوڊ ايلن پريرا کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. بينچ ڪميٽي ٺاهڻ ۽ وائلڊ لائيف ڪنزرويٽر ۽ عرضي يعني درخواست گذار جي وڪيل جي تجويز ڪيل سڀني نالن کي شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بينچ پنهنجي حڪم ۾ چيو: ”ان کان سواءِ، ڪميٽي کي اختيار ڏنو ويندو ته هو موضوعي ماهرن کي به شامل ڪري، جيڪي صوبي جي چڙيا گهرن جو دورو ڪندا ۽ انهن ۾ بهتريءَ جا قدم تجويز ڪندا ۽ موجوده مسئلن جي نشاندهي ڪندا ته جيئن مختصر عرصي جي اپاءَ طور انهن کي حل ڪيو وڃي. ڊگهي عرصي جي اپاءَ طور، هو اهڙا قدم تجويز ڪندا، جن ۾ غير مقامي جانورن کي سندن قدرتي رهائش وارو ماحول ۽ هنڌ فراهم به شامل ٿي سگهي ٿو.“ ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عرضي ڪندڙ جي وڪيل موجب، وزيراعليٰ طرفان راڻي جي منتقلي لاءِ ٺاهيل ڪميٽي ڪراچي زوءَ جو دورو ڪيو ۽ سڀ طبي سامان خراب حالت ۾ ڏٺو. بينچ چيو ته زو ڊائريڪٽر اخلاق احمد يوسفزئي واعدو ڪيو ته سڀ خراب مشينون فوري طور تبديل ڪيون وينديون ۽ جانورن جي علاج لاءِ ويٽرنري ڊاڪٽرن کي ٻاهران مقرر ڪيو ويندو. عدالت وڌيڪ ڪاروائي 21 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي. اڳوڻي ٻڌڻي ۾، بينچ وزيراعليٰ طرفان ٺاهيل ڪميٽي کي ڪراچي زوءَ جو دورو ڪرڻ ۽ اتي رکيل جانورن جي تعداد ۽ سندن جسماني ۽ ذهني صحت بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان سان گڏ، ڪميٽي کي جانورن جي رکڻ جي حالتن جو جائزو وٺڻ ۽ مقامي يا غير مقامي جانورن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ جيڪڏهن جانور غير مناسب حالتن ۾ رکيل ملن ته صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ سفارشون پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو