چيڪ ٽيسٽ، پاڪستان 342 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ بيٽنگ جاري

چيڪ ٽيسٽ، پاڪستان 342 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ بيٽنگ جاري

گال ٽيسٽ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم ميزبان ٽيم طرفان ڏنل 342 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ 87 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. گال ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن راند جاري آهي، قومي ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 88 رنسون ٺاهي ورتيون آهن جڏهن ته پاڪستان کي فتح لاءِ وڌيڪ 254 رنسن جي ضرورت آهي. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق 50 رنسون ۽ اظهر علي هڪ رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن جڏهن ته امام الحق 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
سري لنڪا جي ٻي اننگز
واضح رهي ته سريلنڪا پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 342 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، سريلنڪن ٽيم پهرين اننگز ۾ 4 رنسن جي برتري حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي ٻي اننگز ۾ 337 رنسون ئي ٺاهي سگهي هئي. ميزبان ٽيم ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 329 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته چوٿين ڏينهن رڳو 8 رنسون ٺاهي سگهي. سريلنڪا طرفان دنيش چنديمل 94 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جنهن 5 چوڪا ۽ 2 ڇڪا پڻ هنيا. اوشادا فرنينڊو ۽ ڪوشل مينڊس به سٺي راند کيڏي، ترتيبوار 64 ۽ 76 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان محمد نواز 5، ياسر شاهه 3 جڏهن ته حسن علي ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
سري لنڪا جي پهرين اننگز
سريلنڪن ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 222 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. سريلنڪا طرفان دنيش چنديمل سڀ کان وڌيڪ نمايان رانديگر رهيو جنهن 76 رنسن جي اننگز کيڏي. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 4، ياسر شاهه ۽ حسن علي 2، 2 جڏهن ته نسيم شاهه ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان جي پهرين اننگز
سريلنڪا جي 222 رنسن جي جواب ۾ قومي ٽيم کي جتي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، اتي هڪ ڀيرو ٻيهر مين آف ڪرائسز ڪپتان بابر اعظم يادگار اننگز کيڏي ٽيم کي وڏي نقصان کان بچائي ورتو. قومي ٽيم 218 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي، ان اننگز ۾ بابر اعظم پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 7 هين سينچري پڻ اسڪور ڪئي. پاڪستان طرفان محمد رضوان 19، ياسر شاهه 18 ۽ حسن علي 17 نمايان بيٽسمين رهيا. سريلنڪا لاءِ پرڀاٿ جياسوريا 5، مهيش ٽيڪشنا ۽ رميش مينڊس بالترتيب 2 ۽ 2 جڏهن ته ڪاسن راجيٿا هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو