چين ۽ پاڪستان ۾ فوجي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

چين ۽ پاڪستان ۾ فوجي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ۾ چيني بچاءَ واري وزير جنرل وي فينگهي چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فوجي تعاون ٻطرفن لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي. آرمي چيف اڄ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ چين جي راڄڌاني پهتو ۽ وي فينگهي سان ملاقات ڪئي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات دوران چيني بچاءَ واري وزير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان ۽ فوج سان وقتي آزمائشي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن سيلاب سبب تباهي تي افسوس ظاهر ڪندي هر قسم جي تعاون جي خاطري ڪرائي. هن اهو پڻ چيو ته سي پيڪ جي ترقي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ وڌيڪ فائدا ۽ خوشحالي آڻڻ آهي ۽ پاڪ-چين فوجي تعاون ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو اهم ٿنڀو آهي. هن پاڪستان کي فوجي تعاون جي به خاطري ڪرائي. ان موقعي تي چين 10 ڪروڙ يوآن جي وڌيڪ امداد جو به اعلان ڪيو. چين پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ مجموعي طور50 ڪروڙ يو آن يعني 15 ارب 80 ڪروڙ روپين جي امداد ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو