چيف جسٽس کي هٽائڻ جي رٿابندي  ٿي پئي: اسد قيصر جي دعويٰ

چيف جسٽس کي هٽائڻ جي رٿابندي ٿي پئي: اسد قيصر جي دعويٰ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت واضح ڪري چڪي آهي ته اها ڳالهه ٻولهه نه ٿي چاهي، چيف جسٽس کي هٽائڻ لاءِ منصوبا هلي رهيا آهن.هڪ بيان ۾ اسد قيصر چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.اسد قيصر چيو ته معلوم ٿيو آهي ته چيف جسٽس خلاف سازش ٿي رهي آهي.هن چيو ته چيف جسٽس کي هٽائڻ لاءِ منصوبا هلي رهيا آهن، اهڙيون ڪوششون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿيون.هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت سپريم ڪورٽ جي توهين ڪئي ته اميد آهي ته سڄي قوم حقيقي آزادي لاءِ ٻاهر نڪرندي.

پهنجو تبصرو موڪليو