اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاق گادي واري هاءِ ڪورٽ (IHC) جي جسٽس بابر ستار چيف جسٽس محمد سرفراز ڊوگر خلاف هڪ چارج شيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ هن هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ اجلاس کان اڳ عدالتي اوڻاين يا خرابين کي نمايان ڪيو آهي. نئين عدالتي سال جو آغاز اڱاري ڏينهن IHC ۾ ٿيو، جنهن ۾ جسٽس ڊوگر سڀني ججن سان گڏ فل ڪورٽ جو اجلاس ڪوٺايو آهي ۽ سڀني ججن کي فل ڪورٽ سيشن ۾ شرڪت لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. تفصيلي ايجنڊا عام نه ڪئي وئي، پر اهڙا اجلاس عام طور تي عدالتي سال جي شروعات ۾ ڪوٺايا وڃن ٿا ته جيئن عدالت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺجي، انتظامي معاملن تي بحث ٿئي ۽ ايندڙ مهينن لاءِ ترجيحات مقرر ڪجن. ذريعن موجب، ججن فل ڪورٽ جي ايجنڊا ۾ تبديلي جي درخواست ڪئي ۽ IHC جي صورتحال تي سخت خدشا ظاهر ڪيا، گڏوگڏ سڌارن جون تجويز ون به ڏنيون. اهي خط ٻين ججن سان به ونڊيا ويا. جسٽس بابر ستار پنهنجي خط ۾ چيو، ته فل يعني مڪمل ڪورٽ اجلاس “گهڻو وقت کان پوء ٿئي پيو پر اهو ڀلو قدم آهي، جنهن سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انتظام ۾ آيل غيرقانونيتن کي درست ڪرڻ جو عمل شروع ٿي سگهي ٿو”، ۽ ياد ڏياريو ته اهو سلسلو اڳوڻي چيف جسٽس جي دور ۾ ئي شروع ٿيو هو. هن وڌيڪ لکيو: “شايد ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هي بيڪار مشق آهي ڇاڪاڻته اسان عدالتي آزادي، اداراتي روايتن ۽ ججن جي وچ ۾ گڏيل احترام کي لتاڙيل ڏٺو آهي، پر انسانيت جي اميد تي يقين رکڻ گهرجي۔”
اهم نقطا جن تي جسٽس ستار خدشا ظاهر ڪيا:
بنيادي حقن جي حفاظت ۾ IHC جو گهٽ ٿيندو ڪردار
هن سوال ڪيو ته ڇا واقعي IHC اڄ پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري رهي آهي ۽ ڇا شهري عدالت کي پنهنجن حقن جو محافظ سمجهن ٿا؟
هيٺين عدالتن تي نگراني ۾ ناڪامي
هن چيو ته ڇا IHC پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي ته جيئن ضلعي جج بغير خوف جي پنهنجا ڪم سرانجام ڏئي سگهن؟
ڪيسن جي ورهاست ۽ روسٽر ٺاهڻ ۾ شفافيت جي کوٽ
هن الزام لڳايو ته جسٽس ڊوگر روسٽر ٺاهيا جن ۾ سينيئر ججن کي خارج ڪيو ويو، ۽ ڪيسن کي گهڻو ڪري ٽرانسفر ٿيل يا ايڊيشنل ججن ڏانهن موڪليو ويو، جڏهنته مستقل ججن کي نظرانداز ڪيو ويو.
انتظامي اختيارن جو غلط استعمال
هن چيو ته جسٽس ڊوگر جي دور ۾ ڪيسن کي بنا اختيار هڪ عدالت کان ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ۽ ڪجهه ججن کي سندن ڊاڪس کان محروم ڪيو ويو ته جيئن انهن کي غيرفعال بڻايو وڃي.
ڪميٽين جي جوڙجڪ ذريعي سينيئر ججن کي خارج ڪرڻ
هن چيو ته IHC جي قاعدن خلاف، ٻن سينيئر ترين ججن کي به انتظامي ڪميٽي مان ڪڍيو ويو آهي.
چيف جسٽس جي آفيس کي هڪ آمرانه حيثيت ڏيڻ
جسٽس ستار چيو ته چيف جسٽس ججن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي اين او سي لازمي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪنهن قانون ۾ موجود ناهي.
ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو ۽ فيصلا رپورٽ ڪرڻ
هن چيو ته IHC غلط انگ اکر جاري ڪري ٿو ته جيئن ڪجهه ججن کي تمام ڪارآمد ۽ ٻين کي غيرفعال ڏيکاريو وڃي.
نتيجو
جسٽس ستار خط ۾ لکيو: “ادارا ٺاهڻ ۾ ڏهاڪا لڳن ٿا پر اهي جلدي تباهه ٿي سگهن ٿا۔ اسان اهو IHC ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ڏٺو آهي۔ اميد آهي ته توهان هن خط کي ان روح سان پڙهندا جنهن سان اهو لکيو ويو آهي۔” هن معافي به گهري ته جيڪڏهن مواد ڪنهن کي تڪليف ڏئي، پر چيو ته ادارا رڳو تڏهن ٺيڪ ٿي سگهن ٿا جڏهن پنهنجون ناڪاميون ايمانداري سان قبول ڪيون وڃن۔ ذڪر رهي ته جسٽس ستار اڳ به جسٽس ڊوگر کي ڪيترن معاملن تي خط لکيا هئا، ۽ تازو ئي IHC چيف جسٽس هڪ ڊويزن بئنچ ٺاهي آهي جيڪو خاص طور تي 2000 ٽيڪس ريفرنس ڪيسن کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي، جنهن جو جسٽس ستار پڻ حصو آهي۔ IHC انتظاميه، جسٽس ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جا سڀ ڪيس ٻين ججن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا آهن۔










