آئيني عدالت کي نوٽيس جاري ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ

آئيني عدالت کي نوٽيس جاري ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي معاملي تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ 27 هين آئيني ترميم ۽ آئيني عدالت جي ججن جي مقرري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.بئريسٽر علي طاهر 27 هين ترميم خلاف داخل درخواست ۾ قانون واري وزارت، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس ۽ ٻين کي ڌر بڻايو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 27 هين آئيني ترميم آئين جي بنيادي ڍانچي جي خلاف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو