چونڊون نه ڪرايون ويون ته آرٽيڪل 6 لاڳو ڪيو ويندو

چونڊون نه ڪرايون ويون ته آرٽيڪل 6 لاڳو ڪيو ويندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جو چوڻ آهي ته هو ان ڪئميرا اجلاس ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو قبول نه ڪندا.اها ڳالهه پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي.هنن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي ڏنل فيصلي موجب کين سڪيورٽي ۽ رقم به فراهم ڪئي ويندي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي وڌيڪ چيو ته کين چونڊون ڪرائڻيون پونديون.هن اهو به چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ٿينديون، جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون ته آرٽيڪل 6 لاڳو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو