چونڊن ۾ ووٽرن جو فيصلو خوشيءَ سان قبول ڪيو وڃي: ملالا يوسفزئي

چونڊن ۾ ووٽرن جو فيصلو خوشيءَ سان قبول ڪيو وڃي: ملالا يوسفزئي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ ووٽرن جو فيصلو خوشيءَ سان قبول ڪيو وڃي.ملالا يوسفزئي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پاڪستان جي عام چونڊن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.هن لکيو ته پاڪستان کي آزاد ۽ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي جنهن ۾ ووٽن جي شفاف ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ نتيجن جو احترام ڪيو وڃي.ملالا يوسفزئي وڌيڪ لکيو ته مان هميشه وانگر ان ڳالهه تي به يقين رکان ٿي ته اسان کي چونڊن ۾ ووٽرن جو فيصلو قبول ڪرڻ گهرجي. هن پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ لکيو ته مون کي اميد آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا چاهي حڪومت ۾ هجن يا اپوزيشن ۾، جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام جي خوشحالي کي اوليت ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو