چونڊ ڪوريج لاءِ پرڏيهي صحافين کي 49 ويزا جاري ڪيا ويا:سولنگي

چونڊ ڪوريج لاءِ پرڏيهي صحافين کي 49 ويزا جاري ڪيا ويا:سولنگي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن بابت افواهن کان پاسو ڪيو وڃي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته پرڏيهي ميڊيا جا نمائندا اڳ ئي چونڊن جي ڪوريج لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهن،هن چيو ته ٻاهرين ملڪن مان ڪيترن ئي صحافين ويزا لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، 49 مبصرن ۽ پرڏيهي صحافين کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 32 درخواستن کي ويزا ڏيڻ جو عمل جاري آهي،مرتضيٰ سولنگي چيو ته پرمٽس لاءِ اٽڪل 24 درخواستون پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ۾ پراسيس ۾ آهن، مختلف ميڊيا تنظيمن کان ڪل 174 درخواستون مليون آهن، رڳو برطانيه مان 25 درخواستون غير صحافتي ڪيٽيگريءَ ۾ آهن،هن وڌيڪ ٻڌايو ته روس مان 8، جاپان مان 13، ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي 5 ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن، دولت مشترڪه مان 5 درخواستون پروسيس ۾ آهن،سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته عالمي صحافي ۽ مبصر ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد لاءِ پرمٽ وٺي رهيا آهن، انهن 3 شهرن کان علاوه جيڪڏهن ڪو پرڏيهي صحافي ڪنهن ٻئي شهر وڃڻ چاهي ٿو ته ان جي ڪيس جو جائزو ورتو ويندو،هن چيو ته 20 جنوري جي ڊيڊ لائن گذرڻ باوجود درخواستون ڏسي رهيا آهيون، 14 ملڪن مان درخواستون مليون آهن،اها رياست جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي شهرين جو تحفظ ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو