اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن جا ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور هادي رمارڪس ڏنا ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ بنيادي حق آهي، ووٽ جي بنيادي حق کان محروم ڪري سزا ڏني پئي وڃي.سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر اسلم جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمر اسلم جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر ۽ اليڪشن ڪميشن جا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا،جسٽس منصور چيو ته عمر اسلم جا نامزدگي ڪاغذ ڇو رد ڪيا ويا، ڇا عمر اسلم اشتهاري آهي؟ ان تي علي ظفر چيو ته عمر اسلم حفاظتي ضمانت حاصل ڪرڻ کانپوءِ گرفتاري کان اڳ ضمانت تي آهي، سندس چونڊ وڙهڻ جي هڪ آئيني درخواست رد ۽ ٻي منظور ڪئي وئي. جسٽس منصور سوال اٿاريو ته ڪهڙو قانون اليڪشن وڙهڻ کان روڪي ٿو؟ ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ڀوتار يا اشتهاري قانون جي ڀڃڪڙي جو ڏوهه آهي، ان ڪري هو اليڪشن نه ٿو وڙهندو، جسٽس منصور رمارڪس ڏنا ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ بنيادي حق آهي، چونڊن جي بنيادي حق کان محروم ڪري هڪ شخص کي سزا ڏني پئي وڃي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ پاڪستان جي عوام کي چونڊيل نمائندن جو فيصلو ڪرڻ ڏيو ته آرٽيڪل 17، 62 ۽ 63 جي ڪهڙي شق ڀوڳيندڙ کي ووٽ جي بنيادي حق کان محروم رکي ٿي؟،جسٽس جمال مندوخيل پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اهو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي ته اشتهاري ڪير آهي يا عدالتون؟،جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي عوام کي جوابده آهي يا اميدوارن کي؟ اليڪشن ڪميشن کي پاڪستان جي عوام کي جواب ڏيڻو پوندو.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر ڇپجڻ شروع ٿيا آهن ان کي تبديل ڪرڻ ممڪن ناهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته بيلٽ پيپر ڇپجڻ شروع ٿي ويا آهن ته ڇا اميدوارن کي محروم ڪيو وڃي؟ انهن جي بنيادي حقن جي؟ جسٽس منصور چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڄاڻڻ گهرجي ها ته ڪيس عدالتن ۾ ايندا.بعد ۾ عدالت عمر اسلم جي درخواست منظور ڪندي کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني.










