لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ چونڊ نشان واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ اپيل جي ٻڌڻي ڪندي.اپيل شهري ميان شبير اسماعيل طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنگل بينچ قانون جي ابتڙ فيصلو ڏنو، سنگل بينچ جو فيصلو آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي.اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جو سياسي پارٽين کان چونڊ نشان واپس وٺڻ جو سيڪشن آئين جي خلاف آهي، عدالت سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.










