چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وفاقي وزير تي ڏنڊ

چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وفاقي وزير تي ڏنڊ

لاهور)ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين تي چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر اين اي 118 ننڪانه راڻا تنوير کي چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪيو هو.ترجمان جو چوڻ آهي ته نوٽيس موجب راڻا تنوير حسين اميدوار جي چونڊ مهم ۾ حصو ورتو.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ضلعي مانيٽرنگ آفيسر رانا تنوير حسين تي 25 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو