ڄڃ تي فائرنگ جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج

ڄڃ تي فائرنگ جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج

مٺي(لياقت نھڙيو) ڳوٺ ڪرم علي سمون ۾ سمان برادري جي هڪ ڌر جي ڄڃ سندس رشتيدار جي گهر چانهه پيئڻ لاء وڃي رهي هئي ته ٻئي مخالف ڌر جي بااثرن نبي بخش سمون جي اڳواڻي ۾ ڄڃ مٿان فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي جنهن جو اطلاع ڏيپلو پوليس کي ڏنو ۽ واقعي جي اطلاع بعد ڏيپلو ٿاڻي جو ايس ايڇ او  ڳوٺ ڪرم علي سمان پهتو جتي هن واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن کان بيان ورتا جنهن بعد ڏيپلو ٿاڻي تي گهوٽ توڳاچي سمون جي فرياد تي 8 ڄڻن نبي بخش سمون، مصري، علي محمد، ابراهيم، حمزو علي محمد، هارون، قادربخش، حاجي سمون مٿان فائرنگ ڪري گاڏي کي ڌڪ هڻڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر ڏيپلو پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي، بااثرن جوابدارن کي پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ ۽ ٻيهر حملو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن گهوٽ توڳاچي سمون، حاجي عثمان، نورمحمد سمون، صديق سمون ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري بااثرن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو