ڄامشورو:(ن س) ڄامشورو مان پنجن ٻارن جي ماءُ معصوم نياڻي سميت مبينا طور اغوا ۽ ٽرالر ڊرائيور وٽ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آر بي بي ڪالوني واسڻ پنجن ٻارڙن جي ماءُ خالده زال نور محمد ملاح کي پنھنجي معصوم 3 ورهين جي نياڻي آمنا ملاح سميت مبينا طور اغوا ڪيو ويو آھي. ان حوالي سان مبينا اغوا ٿيل عورت جي مڙس نور محمد ملاح سندس ڀاءُ پٺاڻ ملاح ۽ ٻارڙن ذڪيا ملاح، ساگر ملاح، شھباز ملاح ۽ شير علي ملاح ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو آھي ته منھنجي گھر واري خالدا ملاح کي ھڪ مقامي ٽيڪسي ڊرائيور جي معرفت اغوا ڪري ڪراچي نيو ويو آھي، اسان موبائيل فون ٽريس ڪرائڻ بعد لوڪيشن ڪڍرائي آھي ته ان ۾ جيڪا ڊيٽا اچي ٿي اھا ھڪ ٽرالر ڊرائيور نالو فاروق حسنين اچي ٿو، اسان ان جي نمبر تي رابطو ڪيو آھي، اھو چئي رھيو آھي ته عورت مون وٽ آھي ۽ مون ھن کي خريد ڪيو آھي. ھن چيو ته ٽرالر ڊرائيور منھنجي گھر واري سان موبائل فون تي ڳالھرايو آھي ۽ ان خريد ڪرڻ جو چئي مونکان 30 لک ڀنگ گھري ٿو، اھا ڊيٽا ھٿ اچڻ بعد مان پوليس وٽ ويو آھيان پر پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مدد نٿي ڪري. ھن چيو ته موبائل جي آخري لوڪيشن ڪراچي لانڍي ٻڌائي پئي وڃي، لانڍي پوليس چئي ٿي ته ڄامشورو ۾ ڪيس داخل ڪرايو ته وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين پر ڄامشورو پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري نه ئي ڪا بازياب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.ان موقعي تي نور محمد ملاح جي ڌيءَ ذڪيا ملاح جو چوڻ ھو ته منھنجي ماءُ کي معصوم کير پياڪ ٻارڙي سميت اغوا ڪيو ويو آھي، منھنجا ٻيا ننڍڙا ڀائر ۽ ڀينرون امڙ لاءِ دانهون ڪندي روئي رھيا آھن، اهي ننڊ نٿا ڪن، خدارا اسان کي پنھنجي امڙ واپس ڪرائي وڃي. ھنن گھرو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آھي ته عورت کي اغوا ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ڪري انھن کي گرفتار ڪري اغوا ٿيل عورت واپس ڪرائي ڏني وڃي.










