لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ ۾ ملوث شرپسندن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين 3 هزار کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پنجاب پوليس جي ترجمان موجب جلسي گاهه ۾ سرڪاري پرائيويٽ ملڪيتن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث جوابدارن خلاف آپريشن جاري آهي، هن وقت تائين 3 هزار 185 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب پنجاب ۾ شرپسندن جي ڪاررواين ۾ 152 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سخت زخمي ٿيا، پنجاب پوليس جي استعمال ۾ آيل 94 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. ترجمان موجب لاهور پوليس جون 27، فيصل آباد پوليس جون 21، راولپنڊي پوليس جون 19، ميانوالي پوليس جون 9، سيالڪوٽ پوليس جون 5، گوجرانوالا پوليس جي 3 گاڏين کي نشانو بڻايو ويو، شرپسندن ملتان پوليس جي 4 گاڏين کي نقصان پهچايو. ڌماڪي ۾ پوليس اسٽيشنن ۽ آفيسن سميت 22 سرڪاري عمارتن کي سخت نقصان پهتو. آءِ جي پنجاب جو چوڻ آهي ته شرپسند قانون جي گرفت کان نه بچندا.ٻئي پاسي راولپنڊي جي پوليس چيف پريس ڪانفرنس ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملي ۾ ملوث 26 جوابدارن جي گرفتاري جو تفصيل ٻڌايو ۽ کين ڪارن ڪپڙن سان منهن ڍڪي ميڊيا آڏو پيش ڪيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد کي اڄ ڊفينس لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي.










