اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن اسد عمر، اسد قيصر، شبلي فراز، اعظم سواتي، حماد اظهر، عمر ايوب، فرخ حبيب، زلفي بخاري، حسن نيازي ۽ عامر ڪياني تي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. راجا خرم ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جنهن ۾ علي بخاري، نعيم پنجوٿا ۽ سردار بسي شامل هئا اي ٽي سي ۾ پيش ٿيا.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 2 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.اي ٽي سي جج راجا جواد عباس جي موڪل سبب ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.










