ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو )بلوچستان جي ڊيرامرادجمالي جي ويجھو اوسته محمد کان ڀاڳ ناڙي ويندڙ الٽو ڪار تيزرفتار مزدا گاڏي سان خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار سيد محمدابراھيم شاهه ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته 3ڄڻان سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ھڪ پوليس اھلڪار اي ايس آءِ معشوق علي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي جنھن کي لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ اوسته محمد اسپتال علاج لاء آندو ويو آهي.پوليس مزداکي پنھنجي تحويل ۾ورتو آهي پر ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو .










