اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ ڀارتي فوج جي بي سبب ۽ بزدلاڻي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ معصوم پاڪستانين لاءِ هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو.تعزيتي اجلاس جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي ڪئي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن شرڪت ڪئي.سپريم ڪورٽ جي ججن پاڪستان ۾ ڀارتي حملي ۾ عام ماڻهن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، شهيدن جي ابدي سڪون لاءِ فاتحه خواني ڪئي، ۽ سوگوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.سپريم ڪورٽ جي بيان ۾ شهيدن لاءِ دعا ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته الله تعاليٰ شهيدن تي بيشمار رحمتون نازل ڪري. سپريم ڪورٽ قوم سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.سپريم ڪورٽ انساني وقار، انصاف ۽ معصوم جانين جي تحفظ لاءِ پنهنجي غير متزلزل عزم جو به اظهار ڪيو.










