ڀارت ۽ آمريڪا ۾ 10 سالن لاءِ دفاعي فريم ورڪ جو معاهدو

ڀارت ۽ آمريڪا ۾ 10 سالن لاءِ دفاعي فريم ورڪ جو معاهدو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ڀارت سان 10 سالن جي دفاعي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. جنهن جو اعلان آمريڪي دفاع واري سيڪريٽري پيٽ هيگسيٿ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ذريعي ڪيو. سندس چوڻ آهي ته هي فريم ورڪ علائقائي استحڪام ۽ روڪٿام لاءِ هڪ بنيادي قدم سمجھيو پيو وڃي، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ هم آهنگي، ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ ٽيڪنالاجي سهڪار کي وڌائيندو، هيگسيٿ پنهنجي ڀارتي هم منصب راج ناٿ سنگھه سان ڪيل معاهدي جون تصويرون به شيئر ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته “اسان جا دفاعي لاڳاپا ڪڏهن به ايترا مضبوط نه رهيا آهن،”. هندستان ٽائمز مطابق، اها ملاقات ڪوالالمپور ۾ ٿيندڙ “آسيان ڊفينس منسٽرز ميٽنگ-پلس” جي موقعي تي ٿي، جيڪا سڀاڻي کان شروع ٿيڻ واري آهي. فريم ورڪ تي دستخط ڪرڻ بعد، هيگسيٿ واشنگٽن ۽ نئين دهلي جي ڀائيواري تي سنگهھ جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو: “هي انهن اهم آمريڪا-ڀارت لاڳاپن مان هڪ آهي جيڪي دنيا ۾ اهميت رکن ٿا. اسان جي حڪمتِ عمليءَ جي مطابقت گڏيل مفادن، اعتماد ۽ محفوظ ۽ خوشحال انڊو-پيسفڪ علائقي جي واعدي تي ٻڌل آهي.” رپورٽ موجب، هيگسٿ 10 سالن جي دفاعي فريم ورڪ کي “امبيشس” (ambitious) يعني بلند همتي وارو قرار ڏنو ۽ چيو ته هي ٻنهي ملڪن جي فوجن لاءِ هڪ اهم قدم آهي، جيڪو “وڌيڪ ويجهي ۽ وڌيڪ معنيٰ خيز تعاون” جو روڊميپ طئي ڪري ٿو. “هي معاهدو آمريڪا جي گڏيل سلامتي ۽ مضبوط ڀائيواريءَ لاءِ ڊگهي مدي واري واعدي کي ظاهر ڪري ٿو،” هي پيش رفت ان وقت ٿي آهي جڏهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو تازي ڏينهن ملائيشيا ۾ ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جئي شنڪر سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات گذريل هفتي روسي تيل ڪمپنين تي آمريڪي پابندين کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڀ کان اعليٰ سطح جو رابطو هو، جن مان ڀارت پنهنجي تيل جي وڏي حصي جي فراهمي حاصل ڪري ٿو. جئي شنڪر سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو روبيو سان هٿ ملائيندي مسڪرائي رهيو آهي ۽ لکيائين ته هن “اسان جي ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جي تعريف ڪئي.” ڪجهه تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا، پر ساڳي تصوير سان جئي شنڪر ٻيهر اهو ئي چيو ته هن “ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ عالمي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جي ساراهه ڪئي.” آمريڪا ۽ ڀارت جا لاڳاپا آگسٽ ۾ تڏهن خراب ٿيا هئا، جڏهن ٽرمپ ڀارتي درآمدات تي ٽيڪس 50 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو، ۽ آمريڪي عملدارن ڀارت تي الزام هنيو ته هو روس جي يوڪرين ۾ جنگ کي وڌائڻ لاءِ ماسڪو کان سستو تيل خريد ڪري رهيو آهي. گذريل هفتي ٽرمپ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته مودي روسي تيل جي خريداري گهٽائڻ تي راضي ٿي ويو آهي. جنهن تي نئين دهلي اڃا تائين ڪو تبصرو ناهي ڪيو. گذريل مهيني آمريڪا “ايڇ-1 بي” (H-1B) ماهر ڪارڪنن جي ويزا تي 100,000 ڊالر جو “هڪ ڀيرو لاڳو ٿيندڙ” فيس شامل ڪئي، جنهن ۾ هر سال تقريباً ٽي چوٿائي وصول ڪندڙ ڀارت مان هوندا آهن۔ ڀارت چيو ته ٽرمپ انتظاميا جو هي قدم انساني مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ پاليسيءَ کان متاثر ٿيندڙ خاندانن لاءِ امڪاني پريشانيون پيدا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو