دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ واقعي جو الزام وقت کان اڳ پاڪستان تي لڳايو.دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ واقعي جي ڪجهه منٽن اندر، ڀارت الزام لڳايا. افسوس جي ڳالهه آهي ته ڀارت بغير ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي.شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انساني جانين جي نقصان ۽ پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگرد حملن تي افسوس آهي.هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سفارتي ڳالهيون مسئلن جو واحد حل آهن، جنگ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.هو اهو به چوي ٿو ته ڪرڪيٽ کي سياست جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي.ياد رهي ته اڱاري ڏينهن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي مقام پهلگام ۾ نامعلوم حملي آورن جي فائرنگ ۾ 26 سياح مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا هئا.










