پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن جو احتجاج

پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن جو احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ايمپلائيز يونين ضلع ڪائونسل نوشهروفيروز جي ملازمن پاران پگهارون نه ٿيڻ، قبضا مافيا پاران ملازمن کي ڌمڪائڻ، پروموشن ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ضلع ڪائونسل جي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر شڪيل احمد وسطڙو، جنرل سيڪريٽري نويد احمد تڳر، اقبال احمد راڄپر، پير اشرف علي، نذير چانڊيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 14 ڏينهن گذري ويا آهن پر هن مهل تائين اسان کي پگهار ناهي ڏني وئي جنهن ڪري اسان پريشان آهيون. هنن چيو ته هڪ طرف چيف آفيسر عبدالرسول کوسو گذريل مهيني جي 30 تاريخ تي بغير ويريفاءِ جي ٺيڪيدارن جا بل ته ڪري ڇڏيا آهن پر اسان کي پگهار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته گذريل مهيني به اسان کي 25 تاريخ تي پگهار ڏني وئي هئي. هنن چيو ته ضلع ڪائونسل جي آفيس کي چيف آفيسر بجاءِ ٺيڪيدار هلائي رهيا آهن. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 2016 کان اسان جا پروموشن نه ڪيا ويا آهن ۽ مڪاني ادارن ۾ به 19هين گريڊ جا آفيسر موجود هوندي ٻئي کاتي جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٿا جيڪا پڻ وڏي زيادتي آهي. هنن چيو ته شهر ۾ قبضا مافيا پاران اسان جي ملازم نويد احمد تڳر کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اسان سنڌ حڪومت ۽ بلديات جي وزير کان مطالبو ٿا ڪيون ته ملازمن کي پگهارون ڏئي انهن جا پروموشن ڪري مڪاني کاتي ۾ مڪاني کاتي جا ئي آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ ملازمن سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو