ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پگهارن جي ادائيگي لاءِ قرض کڻندڙ تحريڪ انصاف جي حڪومت معاشي محاذ تي ناڪام ٿي چڪي آهي.پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت، افغانستان ۽ بنگلاديش سميت سموري ڏکڻ ايشيا ۾ 10.9 سيڪڙو جي شرح سان پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ مهانگائي ٿي آهي. توانائي جي شعبي جي شرح 22 سيڪڙو کان وڌيڪ کوٽ جي اعتراف جي باوجود صنعتي ترقي جي دعويٰ پريشان ڪندڙ آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران في ماڻهو جي آمدني وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ پراڻي آدمشماري جا انگ اکر استعمال ڪرڻ جا پول پڌرا ٿي چڪا آهن. پگهارن جي ادائيگي لاءِ قرض کڻندڙ تحريڪ انصاف جي حڪومت معاشي محاذ تي ناڪام ٿي چڪي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت جي پنج ساله دور ۾ عام ماڻهو جي آمدني ۾ 59 سيڪڙو اضافو ٿيو. پاڪستان يپپلز پارٽي جي وفاق ۾ حڪومتي دور ختم ٿيڻ کان پوءِ عام ماڻهو جي آمدني ۾ لاڳيتو گهٽتائي ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت جي قدمن سبب سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ في ماڻهو جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار جي دعويٰ ڪئي ۽ صرف هلندڙ سال دوران اٽو 28 سيڪڙو مهانگو ٿيو.عوام ڪمند جي رڪارڊ پيداوار جي وفاقي حڪومت جي دعوائن تي ڪيئن مطمئن ٿئي. صرف هڪ سال ۾ کنڊ 21 سيڪڙو مهانگي ٿي چڪي آهي. مرغي جي گوشت جي قيمتن ۾ هڪ سال دوران 60 سيڪڙو تائين اضافي جو فائدو تحريڪ انصاف جي حڪومت کنيو.










