لاهور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نديم افضل چن وزيراعظم جي مشير رانا ثناءُ الله پاران ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 10 ۾ پولنگ کان اڳ لڳايل ڌاندلي جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ وفاقي حڪومت جي مداخلت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نديم افضل چن چيو ته مسلم ليگ (نون) کي آزاد ڪشمير جي پهرين مرحلي جي چونڊن ۾ پنهنجي واضع ۽ يقيني شڪست نظر اچي رهي آهي، جنهن ڪري ن ليگ جا اڳواڻ پولنگ کان اڳ ئي ڌاندلي جو بهانو بڻائي رڙيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ وفاق پاران سياسي اثر رسوخ استعمال ڪرڻ ۽ چونڊ عمل ۾ مداخلت جا جيڪي خدشا آهن، اهي انتهائي افسوسناڪ آهن. پي پي اڳواڻ واضع ڪيو ته ڪشمير جو غيور عوام هاڻي جاڳي چڪو آهي، هو ڪنهن به وفاقي دٻاءُ يا سازش جو شڪار ٿيڻ بدران پنهنجي سياسي شعور ۽ مرضي مطابق ووٽ جو استعمال ڪندو ۽ تير کي ڪامياب بڻائيندو. هن چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته اليڪشن کي شفاف بڻائڻ لاءِ وفاق جي بيجا مداخلت جو نوٽيس ورتو وڃي.










