پيٽروليم ۽ ٻين عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ واڌ خلاف ريلي

پيٽروليم ۽ ٻين عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ واڌ خلاف ريلي

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)آل ريونيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيشن ضلع ٽنڊو محمد خان پاران پيٽروليم ۽ ٻين عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ واڌ خلاف ريلي ڪڊي ڊي سي آفيس سامھون احتجاجي مظاھرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ھن موقعي تي آل ريوينيو سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ پير فيصل جان سرھندي ؛ ضلعي صدر سيد سارنگ شاھ ؛ غلام فاروق ڀٽي ؛ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيٽرول جا اگھ وڌڻ سبب عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو جنھن سبب عام ماڻھن جي چيلھ چٻي ٿي وئي آھي ۽ مھانگائي ڏيھون ڏيھن وڌندي پئي وڃي جڏھن ته سرڪاري ملازمن جي پگھارون ۾ پڻ خاطر خواھ اضافو نه ڪيو ويو آھي ۽ انھن کي جائز الائونسس کان به محروم رکيو ويو آھي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته غريب عوام وڌندڙ مھانگائي سبب فاقه ڪشي ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن اسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريو ته عام واھپي جي شين ۾ ٿيل اضافو فوري واپس ورتو وڃي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگھارون ۾ سئو سيڪڙو اضافو ڪري اسان ٻچن کي بک مرڻ کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو