اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت سٺي خبر ايندي.ميڊيا سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ جو چوڻ هو ته عوام آمريڪا ايران جنگ جي ڪري گهڻي تڪليف برداشت ڪئي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي سبب عوام جي بجيٽ متاثر ٿي. پيٽروليم واري وزير چيو ته واعدو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت به آهي ته جنهن حد تائين ممڪن ٿيو، قيمتون گهٽ ڪنداسين. علي پرويز ملڪ وڌيڪ چيو ته عالمي منڊين ۾ ايران جو خام تيل دستياب هوندو، ان ئي اميد تي عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جون قيمتون ڪِري رهيون آهن. پيٽروليم واري وزير چيو ته پوري دنيا وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ڪوششن کي ساراهي رهي آهي.










