اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل کان پوءِ، گاسليٽ به سستو ٿي ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، گاسليٽ جي قيمت ۾ 7.23 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 311.73 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ گهٽتائي اڄ کان لاڳو ٿيندي.ان کان اڳ، گاسليٽ جي قيمت 318.96 رپيا في ليٽر هئي. گذريل هفتي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 41.80 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي.ياد رهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو.پيٽروليم ڊويزن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 409.78 رپيا في ليٽر ٿي وئي.ڊيزل جي قيمت ۾ به 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 409.58 رپيا في ليٽر ٿي وئي.










