پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي ۾ واڌ

پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي (ماحولياتي مدد جي ٽيڪس) ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي وڌائڻ ۽ پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي ۾ اڍائي اڍائي روپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي اڍائي روپين مان وڌائي 5 روپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن مطابق، پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي اڍائي اڍائي روپيا في ليٽر گهٽ ڪئي وئي آهي. ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي وڌڻ ۽ پيٽروليم ليوي گهٽ ٿيڻ سان پيٽرول ۽ ڊيزل جون موجوده قيمتون برقرار رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو