پيٽرول جي قيمتن تي عالمي منڊي کان وڌيڪ فائدو عوام کي ڏنو

پيٽرول جي قيمتن تي عالمي منڊي کان وڌيڪ فائدو عوام کي ڏنو

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي پيٽرول جي قيمت جيتري گهٽ ٿي، ان کان وڌيڪ ريليف ڏنو ويو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته الله جي فضل سان محرم الحرام جو پهريون عشرو خيريت سان گذري ويو، امن امان لاءِ پاڪ فوج، وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.علي پرويز ملڪ چيو ته اڄ هن خطي ۾ امن ٿي ويو آهي، ايران ۽ آمريڪا جي جنگ جو خاتمو ٿيو، جنهن کانپوءِ هاڻي عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. پيٽروليم واري وزير چيو ته گذريل هفتي جيتري قيمت گهٽ ٿي ان کان وڌيڪ ريليف ڏنو ويو، وزيراعظم شهباز شريف فوري طور تي اهو فائدو عوام تائين پهچايو ۽ اسان عالمي منڊي کان وڌيڪ فائدو عوام کي ڏنو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه عناصر پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيا آهن، اسان عالمي سطح تي ڪيل معاهدن جي پاسداري ڪندي اڳتي وڌنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو