ميرپور ماٿيلو(ظهير وسير) ڳوٺ مياڻي مهر ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙو غلام ياسين مهر ۽ مسمات ڀاڳل مهر احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ مياڻي مهر جو بااثر وڏيرو ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏني آهي جنهن سبب اسان دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن چيو ته بااثر وڏيري اسان مٿان حملو ڪري منهنجي گهر واري مسمات ڀاڳل کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي اسان پيار جو پرڻو ڪيو آهي ڪو ڏوھ ناهي ڪيو جڏهن ته پوليس به بااثر جي ونگارو بڻيل آهي. هنن چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون ۽ اسان جي ڪو به مدد نه ٿو ڪري آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻيا وسوارا اسان کي انصاف ڏيارين.










