پي ڊي ايم کي فعال ڪريو، شهباز جي مولانا سان ملاقات

پي ڊي ايم کي فعال ڪريو، شهباز جي مولانا سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم کي فعال بنائڻ، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي اتهاد ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ بابت اپوزيشن ليڊر شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. هن مولانا جي عيادت به ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پارٽيز جا اڳواڻ به موجود هئا. مولانا فضل الرحمان طرفان شهباز شريف کي جيل مان آزادي تي واڌايون، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ نويڪلائي ۾ به ملاقات ٿي، پ پ ۽ اي اين پي جِي پي ڊي ايم ۾ واپسي سوڌو ٻين اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو