راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم جي مستقبل جو فيصلو 15 نومبر کان پهريان ٿي ويندو آئي ايم ايف جي باوجود اسحاق ڊار ڊالر، بجلي، گئس ۽ اٽي جو ڇا ڪندو، جيڪا مفتاح نه ڪري سگهيو ملڪ جي وزارتن جو فيصلو 27 ڪلوميٽر جي حڪومت کي ڪرڻ ملڪ جي بدنصيبي آهي هڪ ٽوئٽ ۽ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو تٿه پي ڊي ايم جي مستقبل جو فيصلو 15 نومبر کان اڳ ٿي ويندو ان کي معلوم آهي ته ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي هن چيو ته وزيراعطم جي جهاز ۾ ڀڳل رپوش پنجن سالن کان پوءِ وزيراعظم سان گڏ اچي رهيو آهي هي چوري ۽ سينا زوري آهي هن چيو ته 12 ڪلاڪن ۾ 3 آڊيو ليڪس جو وقت اهم ۽ ڳڻتي جوڳو آهي هن چيو ته فواد چوڌري ٻڌايو آهي ته ڪلاڪن جي آڊيو ليڪ آهي هي شرمسار نه آهن هي ڀارت جي اثر هيٺ ايجنڊا آهي کين مال ٺاهڻو آهي ٻاهر کڻي وڃڻو آهي ۽ ماڻهن کي بي وقوف بنائڻو آهي شيخ رشيد چيو ته پهريان هي خزاني تي ڌاڙا هڻندا هئا اڄڪلهه اسان جي کيسن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن پنهنجي ناٺي لاءِ چون ٿا ته انڊيا مان مشينري اچي رهي آهي مان سمجهان ٿو ته جڏهن هي سڀ گڏ ٿي ويندا ته ٽوڪرو رکيو ويندو. هي گند جي ڍير جي سياست ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.










