پي ڊي ايم ترجمان جو به اليڪشن ۾ دير ٿيڻ جو اشارو

پي ڊي ايم ترجمان جو به اليڪشن ۾ دير ٿيڻ جو اشارو

هنگو(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته معاشي حالتون بهتر نه ٿيون ته اليڪشن ۾ دير ٿي سگهي ٿي.هنگو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ حمدالله چيو ته معاشي صورتحال بهتر نه ٿي ته اليڪشن 6 مهينا ملتوي ٿي سگهي ٿي، عام چونڊون آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿينديون.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين حافظ حمدالله تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ملڪ کي معاشي طور خالي ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان پاڪستان کي معاشي طور هٿ پير ٻڌي ڇڏيو آهي، آئين ۽ اسيمبلين کي ٽوڙڻ آمرن جو ڪم آهي.حافظ حمدالله چيو ته پاناما کي عذر بڻائي نواز شريف کي نااهل ڪري هڪ نئون سياسي انتشار پيدا ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ کي زور زبردستي مسلط ڪيو ويو.هن اهو به چيو ته پي ڊي ايم بي اعتمادي واري تحريڪ ذريعي حڪومت ختم ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ زور زبردستي لاڳو ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو