پيءُ پٽ جي موت تي ڪي-اليڪٽرڪ کي هرجاڻو  ڏيڻ جو حڪم

پيءُ پٽ جي موت تي ڪي-اليڪٽرڪ کي هرجاڻو ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر سول جج ڏکڻ ڪراچي ڪي اليڪٽرڪ کي حڪم ڏنو آهي ته هو مينهن سبب ڪرنٽ لڳڻ سبب پيءُ ۽ پٽ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ فوت ٿيلن جي وارثن کي 56 ملين رپيا معاوضو ادا ڪري .
عدالت ڪي-اليڪٽرڪ کي 30 ڏينهن اندر معاوضي جي رقم جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪي-اليڪٽرڪ کي معاوضي جي رقم 30 ڏينهن اندر عدالتي مبصر وٽ جمع ڪرائڻي پوندي.
حڪم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جج مقتول جي وارثن کي معاوضو ادا ڪندو

پهنجو تبصرو موڪليو