ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم پي اي ۽ سينيئر سياستدان مير محمد حيات ٽالپر ڪينسر جي مرض وگهي 84 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم کي ڪينسر جي علاج لاءِ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، مير محمد حيات ٽالپر1985ع کان 2013ع تائين 7 ڀيرا ايم پي اي رهيو.










