لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم حڪومت کي جاري رکڻ لاءِ معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ته ان جا سڪيورٽي تي سنگين اثر پوندا.هن چيو ته اسان جو ايٽمي پروگرام دشمنن جي پروپيگنڊا جو مرڪز آهي، آزادي رسمي ٿيندي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اهڙين احمقانه پاليسين تي زور ڏئي ملڪي سالميت کي داغدار ڪيو پيو وڃي.هن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ چونڊون ڪرائي حڪومت چونڊيل ماڻهن کي منتقل ڪئي وڃي، ملڪ جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي.










