اسلام آباد ( بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي چيئرمين عمران خان جي ڪنهن به صورت گرفتاري نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏيندڙ سمورن ميمبرن سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن پڻ شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ عمران خان خلاف داخل ڪيس جي مذمت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان کي ڪنهن صورت گرفتار ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي عمران خان کي مڪمل تحفظ ڌيڻ جي خاطري ڪرائيندي چيوته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري ۾ پنجاب حڪومت وڏي رنڊڪ ثابت ٿيندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ شريڪ مونس الاهي چيو ته عمران خان کي اسلام آباد پوليس جي سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي، کيس پنجاب پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪندي. .










