اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ڊي آءِ جي آفيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو.ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيسن ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.تحريڪ انصاف جو چيئرمين 13 ڪيسن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي اسلام آباد ۾ ڊي آءِ جي آفيس ۾ پيش ٿيو.اڳوڻي وزيراعظم خلاف پوليس جي آءِ ٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي سي ٽي ڊي، انسپيڪٽر ۽ جاچ آفيسر شامل هئا.ان کان علاوه حساس ادارن جا 2 آفيسر به ملوث هئا.چيئرمين پي ٽي آءِ اسلام آباد پوليس جي سمورن ڪيسن بابت سوالن جا جواب ڏنا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ٻين ڪيسن ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي آفيس روانو ٿي ويندو.پي ٽي آءِ چيئرمين جي جي آءِ ٽي ۾ پيشي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.










