پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ جي پٽ اسحاق خٽڪ جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي پارٽي ميمبرن جي وائرل لسٽ مڪمل طور تي جعلي آهي.اها ڳالهه پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جي سربراهه ۽ پرويز خٽڪ جي پٽ اسحاق خٽڪ پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي آهي.سندس چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي پارٽي ميمبرن جي لسٽ درست ناهي.پرويز خٽڪ جي پٽ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز جو پهريون مشاورتي اجلاس ڪالهه ٿيو. اسحاق خٽڪ جو اهو به چوڻ آهي ته پرويز خٽڪ ايندڙ اجلاس ۾ پارٽي جي سمورن ميمبرن جي لسٽ جاري ڪندو.










