اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن ۽ انهن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط به لکي ڇڏيو آهي. گزريل اڱاري تي به اسپيڪر پي ٽي آءِ جي 34 ميمبرن ۽ عوامي مسلم ليگ جي شيّ رشيد جي استعيفيٰ منظور ڪئي هئي جن کي اليڪشن ڪميشن ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو هو. اسپيڪر گذريل سال پي ٽي آءِ جي 11 ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪئي هئي پر انهن مان هڪ ميمبر شڪور شاد عدالت ۾ درخواست ڏني هئي ته هن استعيفيٰ ناهي ڏني ۽ بعد ۾ هو بچي ويو هو. هن مهل تائين مجموعي طور 79 پي ٽي آءِ ۽ هڪ شيخ رشيد سميت 80 ميمبرن جون استعيفائون قبول ٿي ويون آهن. گذريل اڱاري ۽ اڄ جمعي تي 70 ميمبرن جون استعيفائون اهڙي وقت منظور ڪيون ويون آهن جڏهن عمران خان ايوان ۾ واپس وچڻ ۽ شهباز شريف خلاف عدم اعتماد جو اعلان ڪيو هو. قومي اسمبلي جو اجلاس جيڪو جمعي تي طلب ڪيو ويو هو اهو اوچتو ملتوي ڪري پي ٽي آءِ کي سرپرائيز ڏنو ويو آهي. اڄ جن ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي تن ۾ جنيد اڪبر، عثمان ترڪئي، مجاهد علي، ارباب عامر ايوب، عندليب عباس، ملاڪا بخاري جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه حيدر علي خان، سليم رحمان، صاحبزاده صبغت الله، محبوب شاهه، محمد بشير، شير علي ارباب، شاهد احمد، گل داد خان، ساجد خان، محمد اقبال خان، حيدر علي خان، سليم رحمان، صاحبزاده صبغت الله استعيفيٰ ڏئي ڇڏيا آهن. منظور ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي راجا پرويز اشرف، محبوب شاهه، شير اڪبر خان، علي خان جدون، عامر محمود ڪياني، فيض الحسن، شوڪت علي، عمر اسلم خان، امجد علي خان، خرم شهزاد، فيض الله، ملڪ ڪرامت کوکر، سيد فخر امام، ظهور. حسين قريشي، ابراهيم خان، طاهر اقبال، اورنگزيب خان، مخدوم خسرو بختيار، عبدالمجيد خان، عاصمه قدير، منورا بي بي جون استعيفائون به منظور ڪيون ويون آهن.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف استعيفيٰ منظور ڪندي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي آهي.
قومی اسمبلی اسپیکر راجہ پرویز اشرف نے قواعد و ضوابط کے مطابق پی ٹی آئی کے مزید 35 ارکان اسمبلی کے استعفے منظور کر لئے_ pic.twitter.com/QokSWmn9hk
— National Assembly ???????? (@NAofPakistan) January 20, 2023










